آخري لفظ نامور شاعره شبنم گل جو شعري مجموعو آهي، جيڪو سڳنڌ پبليڪيشن لاڙڪاڻي 1994ء ۾ ڇپرايو آهي. شاعره هن ڪتاب جو انتساب پنهنجي چاچي مرحوم شاهه محمد جي نالي ڪيو آهي، ڪتاب ۾ زيب سنڌي ۽ ادل سومري جا رايا شامل آهن. غزلن ۽ نثري نظمن جو هي مجموعو 116 صفحن تي مشتمل آهي، ڪتاب ۾ شامل سندس طويل نظم خود ڪلامي سنڌي شاعريءَ ۾ جديد، منفرد ۽ خوبصورت اضافو آهي. شيخ اياز کيس جرئت مند شاعره سڏيو آهي. بئڪ ٽائيٽل تي شاعره جي تصوير سان گڏ سندس لکيل سٽون به شامل آهن. ڪتاب جي قيمت 35 روپيا لکيل آهي.[1]

حوالا سنواريو