آٿم ناٿن شاهي انگريزي (Asim Nathan Shahi) (پيدائش: 2 جنوري 1937ع - وفات: 6 آڪٽوبر 2006ع) سنڌي ٻولي جو ناميارو شاعر هو.

زندگي جو احوال سنواريو

آثم ناٿن شاهي جو اصل نالو غلام رسول سولنگيءَ جو ادبي نالو هو. هن 2 جنوري 1937ع تي ڳوٺ کاٿڙي خيرپور ناٿن شاه تعلقو ضلعي دادوءَ ۾ الله بخش سولنگيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو هو. سندس شمار ناليوارن شاعرن ۾ ٿئي ٿو. آثم ناٿن شاهي پنج درجا سنڌي پڙهڻ کان پوءِ عربي ۽ فارسي تعليم پنهنجي ناني مولوي فيض محمد ”پريشان“ ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ الهرکيي جلباڻيءَ جي مدرسي ۾ حاصل ڪئي. پيشي جي لحاظ کان پاڻ ڪڏهن مزدوري، ڪڏهن کيتي ته ڪڏهن خانگي ملازمت ڪري گذر سفر ڪندو رهيو. کيس ننڍپڻ کان ئي شعر و شاعريءَ سان لڳاءُ رهيو. 1962ع کان پوءِ نالي واري شاعر ”محسن“ ڪڪڙائيءَ جي اصلاح هيٺ شعر چوڻ لڳو. ”بزم طالب الموليٰ“ شاخ خيرپور ناٿن شاهه سان لاڳاپيل علمي، ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو. 1963ع ۾ ”محسن ڪڪڙائي“ سان گڏجي ”اداره فلاح و بهبود خيرپور ناٿن شاهه“ قائم ڪيائين ۽ هڪ لئبرري به کوليائين. [1]

ڪتاب سنواريو

  • جڏهن اُلا اڀ ۾ مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ 1994ع
  • لهرون لهرون لاٽ ، مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ،1998ع
  • ڇا چيس آئيني، رمجهم پبليڪيشن دادو 2007ع

اوارڊ سنواريو

آثم ناٿن شاهي کي ڪينجهر رسالي حيدرآبادپاران 1994ع ۾ مڃتا اوارڊ مليو.ان کان علاوه کيس ادبي سنگت پاران نقد انعام پڻ مليو.

وفات سنواريو

آثم ناٿن شاهي 6 آڪٽوبر 2006ع تي وفات ڪري ويو.

حوالا سنواريو