قديم آثار
(آثار قديمہ کان چوريل)
آثار قديمہ (Archaeology) زماني جي لاهين چاڙهين جو شڪار ٿيل وسندين، ماڳن، مڪانن، شهرن ۽ کنڊرن کي ’آثار قديمہ‘ سڏيو وڃي ٿو. آثار قديمہ در اصل اينٿراپالاجي (علم الانسان) جي شاخ آهي. هن علم ۾ قديم آثارن جي آڌار تي منظم تحقيق ڪري قديم ماڻهن ۽ انهن جي سماجي حيثيت جو اڀياس ڪيو ويندو آهي، هن علم لاءِ خاص طور تي ماڳن جي کوٽائيءَ مان لڌل شين ۽ لکتن جو خصوصي طور تي مطالعو ڪيو ويندو آهي.
سنڌو ماٿريءَ جو مورثي سرمايو بہ انهن دڙن ۽ ڀڙن ۾ پوريل آهي، جن مان ڪي ٿورا کوٽائيءَ جي ڪري نڪري نروار ٿيا آهن. اهي کنڊر ۽ دڙا سڄيءَ سنڌ بلڪ سنڌو ماٿريءَ ۾ پکڙيا پيا آهن، جن ۾ مهرڳڙھ، موهن جو دڙو، هڙپا، چانهونءَ جو دڙو، ڪوٽ ڏجي، آمري، رني ڪوٽ، جهڪر جو دڙو، سيوهڻ جو قلعو، ڀنڀور، ديبل، ٺل رڪڻ، ٺل ڏيپر گهانگهر جا دڙا، منصوره، ڌونرا هنڱورا، شاھ بندر، وغيره اچي وڃن ٿا.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.