آتم ڪٿائون (ڪتاب)

اديب ۽ نقاد ناز سنائيءَ جو هي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ڇپيل پنجن آتم ڪهاڻين جو تنقيدي جائزو آهي. سندس تنقيدي جائزي هيٺ آيل آتم ڪٿائون هيٺيئنءَ ريت آهن:

  1. آپ بيتي جڳ بيتي (ايم.ايڇ پنهور جي آتم ڪٿا)
  2. ٻنڌڻ ٻاروچن جا (عبدالغفور الستيءَ جي آتم ڪٿا)
  3. ڪويءَ جي ڪٿا (سوز هالائيءَ جي آتم ڪٿا)
  4. ڪيم روح رهاڻ (ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ جي آتم ڪٿا)
  5. جوڻيون جيءَ جهان جون (ڀاڱو پهريون ۽ ٻيو سرڪش سنڌيءَ جي آتم ڪٿا).

ناز سنائيءَ هنن آتم ڪٿائن مان سڀ کان وڌيڪ تنقيد سرڪش سنڌيءَ ۽ پروفيسر محمد لائق زرداريءَ جي آتم ڪٿائن تي ڪئي آهي. ڊيمي سائيز جي 220 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب پهرين جنوري 2010ء تي سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. جنهن جي قيمت 300 رپيا آهي.[1]

حوالا سنواريو