آتم ڀڳت (Aatam Bhaggat) ڀٽائيءَ جي راڳي موهن ڀڳت (Mohan Bhaggat) سان گڏ ڳائيندڙ ساٿي ۽ سندس ڀاءُ سروپ ڀڳت (Saroop Bhaggat) جو پاليل پٽ آهي. آتم ڀڳت 1975ع ڌاري مٺيءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري پڙهيل آهي، گهڙين جو ڪاريگر ۽ ٽائون ڪميٽيءَ جو ملازم آهي. آتم ڳائڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي. پنهنجي پيءُ سروپ ڀڳت ۽ چاچي موهن ڀڳت سان گڏجي ڳائيندو هو. هن موهن ڀڳت ۽ سروپ ڀڳت سان گڏ ريڊيو ۽ ٽي. وي تي ڪيترا پروگرام ڪيا. موهن ڀڳت ۽ سروپ ڀڳت جي وفات کانپوءِ پنهنجي ڀاءُ ۽ موهن ڀڳت جي پڳدار پُٽ شنڪر ڀڳت (Shankar Bhaggat) سان گڏجي ڳائيندو آهي. سندس آواز ۾ درد ۽ سوز سمايل آهي. پنهنجي وڏن کان مليل ڀٽائي رح جون وايون، ڪبير (Kabeer)، ميران (Meeraan) ۽ تلسي داس (Tusi Daas) جا ڀڄن ڳائيندو رهي ٿو. ثقافت کاتي، ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ جو رجسٽرڊ فنڪار آهي.[1]

حوالا سنواريو