آتش ڪده آذر (ڪتاب)

هي فارسي گو شاعرن جو وڏي ذخيري وارو تذڪرو آهي، جنهن کي لطف علي بيگ آذر (1722-1791ء) لکيو. آذر هن تذڪري ۾ سنڌ سميت انهن شاعرن جو ڪلام قلمبند ڪيو آهي، جن جي ڪلام جو ڪو به سراغ نٿي مليو. آتش ڪده آذر ڪريم خان رند (عهد حڪومت 1700-1779ء) لاءِ لکيو ويو هو. هي تذڪرو 3 دفعا 19 صديءَ ۾ هندستان مان ۽ ويجهڙائيءَ ۾ ئي ايران مان پڻ ڇپجي چڪو آهي .[1]