آبڪاري (Excise ) عالمي معيشت جو هڪ اصطلاح آهي، جنهن جي معنيٰ آهي اهڙو ناڪو، محصول يا آبڪاري، جيڪا اهڙِين شين تي لاڳو ڪئي وڃي، جيڪي ملڪ اندر تيار ڪيون وڃن. آبڪاري (Excise) ملڪ جي ترقيءَ ۽ خرچ جي پورائيءَ لاءِ لاڳو ڪئي ويندي آهي. سمورين نشي آور شين، عياشي، آسائش ۽ آرائش جي سامان جي گهٽ واهپي ڪرڻ يا مالي وسيلن جي بحاليءَ تي سٺي اثر وجهڻ لاءِ خاص شين جي خريد، وڪري ۽ تياريءَ تي آبڪاري (Excise) ٽئڪس لاڳو ڪيو ويندو آهي. ساڳيءَ ريت سئنيمائن ۽ ٻين تفريح گاهن تي پڻ ”تفريحي ٽئڪس“ جي نالي سان آبڪاري محصول ورتو ويندو آهي. آبڪاريءَ مان وصول ٿيندڙ رقم، حڪومت ڪيترن ترقياتي ڪمن ۽ عوام جي ڀلائيءَ وارين رٿائن تي ڪتب آڻيندي آهي. آبڪاري، محصول يا ٽئڪس جي تاريخ پراڻي آهي. جاگيرداري دور ۾ ماڻهن کان محصول ورتو ويندو هو. شاهه لطيف به پنهنجي رسالي ۾ محصول جو نعم البدل (مَٽُ) لفظ ”رائر“ ڪم آندو آهي. جهڙوڪ:


نه ڪا جهل نه پل، نه ڪو رائر ڏيهه ۾! (شاهه)


جڏهن کان قومي رياستون وجود ۾ آيون، ملڪن ۾ صنعت ۽ حرفت جي ترقي ٿي ته واپاري نظرين جي جديد حڪمت عمليءَ هيٺ حڪومتن پنهنجي خرچ جي پورائيءَ لاءِ محصول ۽ ٽئڪس لاڳو ڪيا. آبڪاريءَ جا ڪيترا قسم ٿين ٿا: (1) محصول يا آبڪاري (Excise) (2) ڪسٽم (Custom)، ڪسٽم اهڙو محصول آهي، جيڪو رڳو ٻاهران ايندڙ يا ٻاهر ويندڙ شين تي لاڳو ٿيندو آهي، اسان جي ملڪ ۾ هر سال بجيٽ ۾ نوان ٽئڪس لاڳو ڪيا ويندا آهن. هن وقت اسان جي ملڪ ۾ هر شيءِ تي آبڪاري ٽئڪس لاڳو آهي. [1]