آبِ حيات
آبِ حيات يا امرت جل، اُهو خيالي پاڻي جنهن جي پيئڻ سان دائمي زندگي حاصل ٿئي، ان کي آب حيات چئبو آهي. ڏندڪٿائي روايتن مطابق خواجه خضر عليه السلام، بحر ظلمات ۾ وڃي اهو پاڻي پيتو، جنهنڪري دائمي زندگي مليس. آب حيات جي ڳولا ۾ سڪندر ذوالقرنين به نڪتو، مگر اهو پاڻي نه مليس. آڳاٽن لوڪن جو خيال هو ته آب حيات هڪ حقيقت آهي ان ڪري دنيا ۾ هر هنڌ موجود لوڪ ڪهاڻين ۽ ڏند ڪٿائن ۾ اهڙي سدا حيات بخش پاڻيءَ يا مشروب جو تصور ملي ٿو. اڪثر قصن ۾ ديوتا ۽ شيطاني قوتون يا سورما ان پاڻي جي کوج ۾ مهمون سر ڪندا نظر ايندا آهن. هندو ڏند ڪٿائن ۾ ان کي "امرت جل" چون ٿا جيڪو ديوتائن ۽ راڪاسن سمنڊ جو پاڻي ولوڙي حاصل ڪيو پر پوءِ ديوتائن دوکي سان اهو امرت پاڻ پي ڇڏيو يا راڪاسن کي دائمي زندگيءَ کان محروم ڪري ڇڏيو. اهڙا ئي قصا يوناني ۽ رومي ڏند ڪٿائن ۾ به موجود آهن.[1]