آبدوز شڪن
انگريزي ۾ ان هٿيار کي (Anti- submarine) چئبو آهي. هن جنگي هٿيار سان آبدوز کي تباهه ڪري سگهبو آهي. پاڻي اندر ڪنهن دشمن ملڪ جي آبدوز کي تباهه ڪرڻ لاءِ آبي بم، آبي توپون، آبدوز سرنگهون ۽ تارپيڊو خاص ايجادون آهن. هن وقت ترقي يافته ملڪن وٽ جديد قسم جا آبدوز شڪن موجود آهن. ٻي عالمي جنگ دوران آبدوزن جو پتو لڳائڻ لاءِ سونار (sonar) نالي اوزار نهايت ڪارگر ثابت ٿيو. آبدوز ٻيڙو هڪ آبدوز شڪن سان آساني سان تباهه نه ٿيندو آهي، ڇهه کان ست بحري جهاز گڏجي مٿس حملو ڪندا ته ڪو نه ڪو گولو کيس لڳي پوندو ۽ آبدوز کي ٻوڙي ڇڏيندو.