آبپاشيءَ جو نظام هلائيندڙ کاتي جو ملازم، جيڪو ڪنهن واهه يا شاخ جي منڍ کان وٺي ڪنهن خاص پيچ تائين سنڀال ڪري ۽ ڏسي ته واهه جي ٻنهي ڪپن جا بند سلامت آهن يا نه؛ واهه مان نڪتل ننڍن واٽر ڪورسن مان پاڻي صحيح ماپ سان وهي ٿو يا نه؛ يا واهه جي ڪپن سان بيٺل سرڪاري وڻ ضايع ته نٿا ٿين. جڏهن ته ”پاڻيءَ جي ورڇ رکڻ“ به آبدار جو ڪم آهي. هو وهڪري جي حساب سان زميندارن کي پاڻيءَ جي ورڇ وارو تفصيل ڏيندو آهي.[1]

حوالا سنواريو