آباد وارو دڙو ڊگهائي ڦاڪ "55'10°69 اوڀر ۽ ويڪرائي ڦاڪ "0'36°27 اتر ڳوٺ آباد، تعلقي روهڙي، ضلعي سکر ۾ واقع آهي. سنڌو تهذيب يا ڌاتو پاھڻي دؤر جو ماڳ آهي. ھيءُ ماڳ دڙي جي صورت ۾ ڳوٺ سھتيجي کان ڏيڍ ڪلو ميٽر اتر ۾ ڳوٺ ھٿريءَ کان 2 ڪلوميٽر اتر-اولهہ ۾ ۽ 35 ڪلو ميٽر روھڙيءَ جي اوڀر ۾ آھي. دڙو 590 ميٽر ڊگھو ۽ 150 ميٽر ويڪرو آھي. ٺڪر جي وٿن ۾ ھڪ ٺڪر تي اٺ جي خوبصورت شڪل کان سواءِ ٻين جانورن جي شڪلين جو ٺڪراٺو مليو آھي. پٿر جون وٿون ٽامي ۽ ڪنجھي جي وٿن سان گڏ ملن ٿيون. ان کان سواءِ سرن جا ٽوٽا، چلمن جا ٽڪرا، ڀڳل چوڙيون، ڪنن جون واليون وغيره ملن ٿيون.[1]

‍‌