سنڌ ۾ ھن نالي سان ڪيترائي ڳوٺ موجود آھن: (1) هڪ ڳوٺ جيڪو اڳ ڪوٽڙي ۽ هاڻي مانجهند تعلقي ۾ لڪي شاھ صدر کان ڏکڻ طرف چئن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آھي. ھن ڳوٺ کي ڪيترا ڀيرا درياھ پائي ويو، پر نئين سر وري آباد ٿيو آھي. سنڌ جي مشھور اديب محمد ابراھيم جويي ھن ڳوٺ ۾ جنم ورتو ھو. (2) تعلقي سيوھڻ جي ديهه ”سعيدآباد“ ۾ ھڪ ڳوٺ به ”آباد“ نالي سان موجود آھي، ھتي پرائمري اسڪول به آھي. (3) لکي تعلقي (ضلعي شڪارپور) جي ديهه ”گوسڙجيءَ“ ۾ به ھڪ ڳوٺ ”آباد“ نالي سان موجود آهي، (4) شڪارپور ضلعي جي ڳڙھي ياسين تعلقي جي ديهه ”منعم آباد“ ۾ ھڪ ڳوٺ آهي، جتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ پرائمري اسڪول آھن. (5) وارھ تعلقي جي ديهه ”آباد“ ۾ ھڪ ڳوٺ، جنھن ۾ ٻن هزارن کان وڌيڪ ماڻهو آباد آهن، ھتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ مڊل ۽ پرائمري اسڪول آھن. (6) تعلقي قمبر جي ديهه ”جوڻيجا“ ۾ ھڪ ڳوٺ به آباد نالي آهي، ھتي پرائمري اسڪول آھي. (7) تعلقي رتيديري جي ديهه ”پير بخش ڀٽي“ ۾ به هن نالي سان ھڪ ڳوٺ آهي. (8) تعلقي جيڪب آباد جي ديهه ”آباد“ ۾ هڪ ڳوٺ آباد نالي آهي، جتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ جدا جدا پرائمري اسڪول موجود آھن. سکر شهر جي ايئرپورٽ ڀرسان ”آباد“ نالي ننڍو شهر آهي، جتي پوليس ٿاڻو به آهي.[1]