آئيي سنڌي سيکين، سنڌي ٻولي سکڻ جي خواهشمند، اردو ڳـالـهـائـيـنـدڙن کـي سـنـڌي سـيـکـارڻ لاءِ هـيءُ تـربـيـتـي ڪتاب ڊاڪٽر فهميده حسين لکيو آهي، جنهن ۾ اردوءَ ذريعي ڏاڪي به ڏاڪي سنڌي سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اصل ۾ هي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيندڙ سنڌي سکيا پروگرام جا سبق آهن، جيڪي ڊاڪٽر فهميده حسين ريڊيو تي پڙهائيندي آهي. انهن سبقن کي ڪتابي ترتيب ڏئي ڇپايو ويو آهي. هن ڪتاب پڙهڻ ۽ سمجھڻ ۾ وڌيڪ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ سي. ڊيءَ به شامل ڪئي وئي آهي. ڪتاب 216 صفحن تي مشتمل آهي، جـڏهـن ته ڪتاب ۽ سي. ڊي جي قيمت 200 روپيا آهي. هيءُ ڪتاب ۽ سي. ڊي تيار ڪرائي، تاج جويي سيڪريٽري سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ 2011ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.[1]

حوالا سنواريو

  1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.