ڊکڻ شھر شڪارپور ضلعي جي تعلقي ڳڙھي ياسين جو ھڪ شھر آھي. ھي سنڌ جو قديم شھر آھي، جو ڊکڻ يوسي ھيڊ ڪوارٽر آھي. ھي شھر 22O49`00`` ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68O24`00`` ڊگريون اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي موجو د آھي. تاريخي ماڳ بوھي قبا ۽ ٿرڙيءَ جو دڙو پڻ ھن شھر ۾ آھن.[1]

تاريخ سنواريو

ھي شھر ھڪ نامور زميندار عبدالرحيم خان ڊکڻ ڪلھوڙا دور ۾ 1789ع ڌاري سرڪار کان ڏھن ھزارن ۾ خريد ڪري پنھنجي نالي پويان آباد ڪيو. عام روايتن موجب ھن شھر جو بنياد اڃا اڳ جو آھي، ڇاڪاڻ تہ ڊکڻ شھر جي ڪجهہ مفاصلي تي موجود ھڪ تاريخي ماڳ بوھيءَ جا قبا ٿھيمن جي سردارن مٿان 1781ع ۾ سندن گهر وارن ٺھرايا ھئا، جيڪي ٽي قبا ھڪ صاحب خان ٿھيم جو ٻيو دلاور خان ٿھيم جو ۽ ٽيون جلال خان ٿھيم جو مقبرو آھي، جڏھن تہ چوٿون ننڍو مقبرو جعفر شاھ جو آھي، جنھن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ ھن شھر تي ڪلھوڙن جي حڪومتي دور ۾ بہ تاريخي حيثيت حاصل ھئي. ھيءُ شھر واڍڪي ڌنڌي سبب ڏيھان ڏيھ مشھور ھو. ھن شھر جو ذڪر ڪندي محقق پير علي محمد راشدي پنھنجي ڪتاب ’اھي ڏينھن اھي شينھن‘ ۾ لکي ٿو تہ[1]:

”ڳڙھي ياسين تعلقي جا ڊکڻ، ذات جا ڊکڻ ھئا، پر ڏات وگهي نہ پاڻ کي، پر ڊکڻ اکر کي بہ باعث عزت بڻائي ڇڏيائون. رتيديري کان ڳڙھي ياسين ويندي رستي تي ٻہ شھر اچن ٿا. بڊو ۽ عبدالرحيم ڊکڻ جو ڳوٺ. اھي ٻئي ڳوٺ مردم خيز ثابت ٿيا.“

ھن شھر ۾ جنڊيءَ جو ڪم، گهرن جو فرنيچر، دروازا، دريون، اڪر وغيرھ جو ڪم ٿيندو ھو، جيڪو ڏيھان ڏيھ مشھور ھو. ھتان جا ڊکڻ پنھنجي مھارت ۾ ايترو تہ مشھور ٿيا، جو ڏيھان ڏيھ سندن ناموسي ۽ ناماچاري ھلندي ھئي ۽ گهر ۾ ڪتب ايندڙ در، دريون ۽ ٻيو سامان ھن شھر مان گهرايو ويندو ھو.[1]

حال سنواريو

ھيءُ شھر ھاڻ پنھنجو ماضيءَ وارو اھو اوج وڃائي ويٺو آھي. ھن وقت ھن شھر ۾ ڊکاڻڪو ڪم نالي ماتر وڃي بچيو آھي. ھن شھر ۾ ھاڻي واپار/ صنعت جو ذريعو ’سيلر‘ وغيرہ آھن. ھن شھر جا چانور ايڪسپورٽ ٿي پنجاب توڙي ملڪ کان ٻاھر تائين وڃن ٿا.

ڊکڻ يوسي ۾ ڪيترائي ڳوٺ آھن، جن ۾ علي خان، واصل، ٿرڙي، جوابپور چانڊيو، دڙو چانڊيو، ايوب خان چانڊيو، تنيا ڳوٺ، کٽي ڳوٺ، خان ڪلھوڙو، ھوتاڻي، لاشارين جو ڳوٺ. ڇتو منگي، لونگاڻي، پير چنڊام، ابن اوڍو، وڳڻ ڳوٺ وغيرہ قابلِ ذڪر آھن. ھن شھر جي حد ۾ ٿرڙي جو دڙو، بوھيءَ جا قبا، شھيد پير چنڊام جو مقبرو، حاجن شاھ جو مقبرو، ملوڪ شاھ پير قابلِ ذڪر آھن.

ھن شھر ۾ ڊکڻ، سومرا، سولنگي، سيد، ابڙا، ميمڻ، لاشاري، ڏاھاڻي، چانڊيا، کٽي، ڪنڀر، منگي ۽ ٻين ذاتين جا قبيلا رھن ٿا. ھيءُ شھر ھاڻ قبيلائي نظام جي ڪري پنھنجو اوج وڃائي چڪو آھي.[1]

شخصيتون سنواريو

ھن شھر ۾ ڪيتريون ئي پنھنجي وقت جون نامور شخصيتون ٿي گذريون آھن، جن ۾ وڏيرو عبدالرحيم خان ڊکڻ، محمد عثمان عيساڻي، غلام مصطفيٰ عيساڻي (ڊپٽي ڪليڪٽر)، غلام صديق خان (ڊپٽي ڪليڪٽر)، خانبھادر شاھنواز خان ڊکڻ، غلام قادر ڊکڻ، محمد پناھ ڊکڻ قابلِ ذڪر آھن، جن جو ذڪر نامور محقق پير علي محمد راشدي پنھنجي ڪتاب ’اھي ڏينھن اھي شينھن‘ جي پھرين جلد ۾ پڻ ڪيو آھي.

ڊکڻ شھر جي نامور شخصيتن ۾ محقق دين محمد وفائي، عالم مولوي عبدالله چانڊيو، سرڪش سنڌي، زخمي چانڊيو، مولوي عبدالحميد چانديو، سبحان شاھ، نادر خان ڊکڻ، اشرف پير چنڊامي، امتياز علي سولنگي، مشتاق بخاري، رتل فقير، خالد چانڊيو، نامور صوفي راڳي امام الدين ڊکڻ، لياقت معرفاڻي قابلِ ذڪر آھن. ھن شھر جي سرگرم تنظيمن ۾ سنڌي ادبي سنگت، بزم نثار، بزمِ سنگت، شھري اتحاد، سچوا، گسٽا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي سياسي توڙي مذھبي تنظيمون قابلِ ذڪر آھن. ڊکڻ شھر مان ’ھٻڪار‘ ۽ ’نئون چنڊ‘ نالي ٻہ رسالا ڪيترو وقت جاري رھيا، جن جو ايڊيٽر مشتاق بخاري ھو. ان کانسواءِ ’زخمي پبليڪيشن‘ ڊکڻ ۽ ’آجيان پبليڪيشن‘ ڊکڻ قابلِ ذڪر آھن.[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 "ڊکڻ 5 : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2024-05-19.