چوسٽو چئن سٽن وارو شعر/نظم، جنھن جي پھرين، ٻي ۽ چوٿين سٽ هم قافيہ ٿيندي آهي. ڪنھن بہ عروضي وزن يا ڇند وديا موجب لکي سگهبو آهي ۽ ان ۾ موضوعن جي فراواني هوندي آهي. سنڌ جي ڪيترن شاعرن چؤسٽا لکيا آهن، پر استاد بخاري، شمشيرالحيدري، پرواني ڀٽي، راشد مورائي، امداد حسيني وغيره جا چؤسٽا مشھور آهن.[1]

حوالا سنواريو

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.