پيپر (Paper) انگريزي لفظ جي لغوي معنيٰ آهي ’ڪاغذ‘ پر علمي ادبي ميدان ۾ ڪنھن خاص پروگرام، سيمينار، ورڪشاپ، سمپوزيم، ادبي گڏجاڻي، ايم فل يا پي ايڇ ڊي لاءِ لکيل تحقيقي مضمون يا مقالي کي ’پيپر‘ چيو ويندو آهي. پيپر ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن جي رهنمائيءَ ۾ لکيو ويندو آهي. پيپر لکڻ لاءِ باقاعده هڪ مقرر نمونو (Format) ٺھيل هوندو آهي. [1]

حوالا سنواريو

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.