پيٺو هي به ڪاٺ گدري وانگي حلوي يا مربي جي ڪم ايندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن رڌبو به آهي. هي ٻئي گدرا سنڌ ۾ نه ٿيندا آهن.

ڪَرٽ، ريڀڙ يا ريڀڙيون: ڪچي قسم جا گدرا آهن. جي ڪچا به کائبا آهن ۽ رڌي به کائبا آهن. سواد ۾ ڦڪا آهن. حقيقت ڪري ريڀڙ يا ريڀڙي گدري جو جدا قسم آهي ۽ ڪچي گدري کي نه چئبو آهي. ڪرٽ، ڪچي گدري يا ريڀڙ کي چئبو آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو