پاڪستان جي رياستي علامت

پاڪستان جي ریاستي علامت (انگريزي: state emblem of Pakistan) جو اتخاذ 1956ع ۾ ڪيو ويو هو. هي علامت پاڪستان جو نظرياتي اساسو، ان جي معيشت جو بنياد، ان جو ثقافتي ورثو ۽ ان جي رهنما اصولن جو عڪس آهي. هن علامت ۾ هڪ ڍال جي مٿان چنڊ تاري جو نشان ٺهيل آهي، جنهن جي چوڌاري گلن جو حلقو آهي. هن حلقي جي هيٺان هڪ صحيفو ٺهيل آهي ، جنهن تي پاڪستان جو قومي اصول لکيل آهي. چنڊ تاري ۽ حلقي ۾ موجود سائو رنگ اسلام جو روايتي نشان آهي. حلقي ۾ موجود ڍال چار برابر حصن ۾ ورهايل آهي ، جنهن جي مٿين حصي ۾ سڄي پاسي چانھ ۽ کٻي پاسي ڪپھ؛ جڏهن تہ هيٺين حصي ۾ سڄي پاسي ڪڻڪ ۽ کاٻي پاسي جوٽ ڏيکاريو ويو آهي. آزادي جي وقت، هي پاڪستان جا اهم فصل هيا ۽ انهن کي ڍال تي ظاهر ڪرڻ جو مقصد پاڪستان جي زرعي معيشت جي عڪاسي ڪرڻ هيو. هيٺ موجود صحيفو، قائد اعظم جي اصولن ، ”ايمان، اتحاد، نظم“، جو پيغام آهي، جن کي پاڪستان جي رهنما اصولن مان هڪ ڳڻيو ويندو آهي. ڍال جي چوڌاري جو حلقو پاڪستان جي قومي گل ياسيمين سان ٺھيل آهي.

پاڪستان جو رياستي نشان
نشان جو حقدار اسلامي جمھوريہ پاڪستان
اختيار ڪيو ويو 1954[1]
Crest سائي رنگ جو ھلال ۽ ان ۾ تارو
چٽسالي ھٿيار چئن سبز خانن مان ھڪ ۾ ڪپھ جو گل، ٻئي ۾ چانھن جو ٻوٽو ڏانڊي سميت، ٽئين ۾ ڪڻڪ جو سنگ ۽ چوٿين ۾ سڻي جو ٻوٽو بغير ڏانڊي جي
Supporters ٻہ گل ياسمين جون سائي رنگ جون ٽاريون ونگ جي شڪل ۾ ڏيکاريل
حصو سبز ربن پٽي ۾ چاندي جي رنگ سان اردو ۾ پاڪستاني شعار: "ايمان، اتحاد، نظم" لکيل
چوڻي ایمان، اتحاد، نظم

پاڪستان جو رياستي نشان پھريون ڀيرو 1954ع ۾ قومي نشان طور اختيار ڪيو ويو جيڪو پاڪستان جي نظرياتي بنياد، طرز معيشت، ثقافتي ورثي ۽ رھنما اصولن کي ظاھر ڪري ٿو[2].

پاڪستان ۾ ٻيا علامتي نشان سنواريو

اڳوڻو رياستي نشان (1947–1954) سنواريو

قومي ادارن جا نشان سنواريو

علائقائي نشان سنواريو

اڳوڻا علائقائي نشان سنواريو

پڻ ڏسو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. "State Emblem of Pakistan". وقت 2014-12-19 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. "The State Emblem". Ministry of Information and Broadcasting, Government of Pakistan. وقت 2007-07-01 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2007-11-29.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)

سانچو:پاڪستان جون قومي علامتون

سانچو:Heraldry-stub