يو سي پاپوش نگر(انگريزي: UC Paposh Nagar ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ڪراچي سينٽرل جي تعلقي ناظم آباد سب ڊويزن جي ھڪ يونين ڪاميٽي آهي. ان جي ڏکڻ ۾ يو سي اورنگ آباد ۽ اوڀر ۽ اتر ۾ لياقت آباد سب ڊويزن واقع آهي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن ۾ ھن يو سي جو چيئرمين جمال احمد ناصر ۽ وائيس چيئرمين محمد ريحان ھاشمي چونڊجي آيا جن جو تعلق ايم ڪيو ايم پاڪستان سان آھي[1]. آبادي جي اڪثريت اردو ڳالهائيندڙن جي آھي ۽ اقليت م پنجابي ۽ سنڌي شامل آهن. ان جي اتر-اولھ واري ڪنڊ تي پاپوش نگر قبرستان واقع آهي.

حوالا سنواريو

  1. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2023-10-06 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-04-16