يو سي 20 بوھڙ(انگريزي: U C 20 Boohar ) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا قمبر تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي قمبر جي يو سي 9 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 16,776 آهي [1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ بوھڙ ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ تونيا، لکٽيا، ڀنگر، چانڊيا، لاشاري، ڪرٽيا ۽ ٻيا شامل آھن.

بوھڙ
يو سي 20 بوھڙ
يونين ڪاؤنسل
قمبر تعلقي جي يو سي 9
بوھڙ is located in سنڌ
بوھڙ
بوھڙ
بوھڙ is located in Pakistan
بوھڙ
بوھڙ
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°35′21″N 67°54′34″E / 27.58917°N 67.90944°E / 27.58917; 67.90944مڪانيت: 27°35′21″N 67°54′34″E / 27.58917°N 67.90944°E / 27.58917; 67.90944
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 19,776

ڳوٺ سنواريو

ھن يو سي جي ڳوٺن ۾ بوھڙ ، تاج محمد جي وانڍ، ڀنگر اڇا، ڳوٺ لکٽيا، ڪنوار ڳوٺ، ڳوٺ محمد زمان چانڊيو، ڊرٻ مٺو، ٺوڙھي بجار، مياڻي، دفر، نوريزاڻي ٻرڙا، پنھوارو، شفيق آباد، دڙي خوشحال ۽ ٻيا شامل آهن[2].

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين مجيب الرحمان تونيو ۽ وائيس چيئرمين محمد اويس چانڊيو چونڊجي آيا جيڪي آزاد اميدوار ھيا[3]. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳڙھي خيرمحمد ڪرٽيو جو آزاد اميدوار عطا محمد ڪرٽيو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو.

صحت ۽ تعليم جون سهولتون سنواريو

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ڍنڍون پڻ واقع آھن جن ۾ ڊگھ ڍنڍ(چنڱڙو ڍنڍ) ۽ کاھي مينھون ڍنڍ شامل آهن.

حوالا سنواريو

  1. ww.pbs.gov.pk › files › sindhPDF kambar shahdad kot blockwise
  2. https://www.scribd.com/doc/129529996/The-Villages-Directory-District-Kamber-Shahdadkot-Sindh-Pakistan-2013-
  3. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/