وڪيپيڊيا:مڪانيت ڪيئن داخل ڪجي

وڪيپيڊيا ۾ هڪ بهترين خصوصيت مڪانيت (انگريزي: Coordinate) آهي، جنهن جي ذريعي اوهان ڪنهن مضمون ۾ ان جي مقانيت داخل ڪري سگھو ٿا. مڪانيت صرف جڳهن يعني اسڪول، بس اسٽاپ، پارڪ، يونيورسٽي، صوبي يا ضلعي وغيره جي مضمونن ۾ داخل ڪري سگھو ٿا.

 
حيدرآباد جي آپ پاس جا مضمون وڪيپيڊيا ايپ ۾ ڏيکاريل

مڪانيت داخل ڪرڻ جو مک سبب مضمون ۾ نقشي جي ڄاڻ شامل ڪرڻ آهي. جنهن جي مدد سان اهو مضمون نقشي ۾ ان جاءِ سان ڳنڍجي ويندو، ۽ ان جاءِ جي ويجهو ڪير به نقشو کوليندو ته ان جي ڀرپاسي وارا مضمون فورن ظاهر ٿيڻ شروع ٿيندا.

مضمون ڏسڻ سنواريو

جيڪڏهن اوهان ڪمپيوٽر ۾ سنڌي وڪيپيڊيا تي آهيو ته special:nearby جي ڳولا ڪيو ۽ جيڪو نئون صفحو کلندو ان ۾ ويهجا مضمون ڏيکاريو تي ڪلڪ ڪيو، جيڪڏهن اوهان جي لوڪيشن کليل ناهي ته ان کي کولڻ جي اجازت ڏيو. ساڳيو طريقو موبائيل وڪي ويباسيٽ ۾ به ڪري سگھجي ٿو.

جيڪڏهن اوهان وٽ وڪيپيڊيا جو ايپ انسٽال ٿيل آهي ته پوءِ پهرين ٻولي مان انگريزي جي جاءِ تي سنڌي چونڊيو ۽ هيٺ ساڄي طرف ڏنل Nearby تي ڪلڪ ڪيو. اوهان جي آس پاس وارا سمورا مضمون اچي ويندا.

جيڪڏهن مضمون نه هجي سنواريو

اوهان جڏهن ڪمپيوٽر يا موبائيل ۾ special:nearby جي ڳولا ڪندو ته ممڪن آهي اوهان وٽ هي هي پيغام اچي: اوهان ويجهي مضمون بابت نئون صفحو جوڙڻ جي ڪوشش ڪيو يا اڳ کان موجود مضمون ۾ مڪانيت داخل ڪيو ان جو مطلب يا ته ويجهو ڪو مضمون ناهي يا جيڪڏهن آهي ته ان ۾ مڪانيت داخل ناهي ٿيل. وڪي ايپ جي نقشي ۾ مضمون نه هجي ته نقشو خالي نظر ايندو.


مڪانيت ڪيئن داخل ڪجي سنواريو

اچو هاڻ بنيادي سوال کي حل ڪيون، مڪانيت داخل ڪرڻ انتهائي آسان آهي، جيڪڏهن اوهان جي آس پاس وارو مضمون اڳ موجود آهي ته ان کي انگريزي وڪيپيڊيا ۾ ڳولا ڪيو جيڪڏهن اتي مڪانيت ڏنل آهي ته ڪاپي ڪري سنڌي ۾ داخل ڪيو. مڪانيت هيٺ ڏيکاريل قسم جو هوندو آهي.

{{coord|24|51|36|N|67|0|36|E|type:_province:_source:enwiki|display=title}}

type:_province جي جاءِ تي city_ پڻ لکي سگھجي ٿو.

جيڪڏهن مڪانيت انگريزي وڪي تي نه هجي ته پوءِ اوهان کي ان جي ڳولا ڪرڻي پوندي، جيڪو پڻ انتهائي آسان آهي. اوهان وڪي ميپيا ۾ وڃو. اتي جڳهه جي ڳولا ڪيو، جيئن ڪوٽڙي، ان سان نقشي ۾ + جو نشان ايندو ان کي ڪلڪ ڪندو ته اوهان کي مڪانيت ظاهر ٿيندي، اها ڪاپي ڪيو، ۽ مضمون ۾ ڪهڙي به جڳهه تي مٿي ڏيکاريل طريقي موجب داخل ڪيو.