وڪيه سانگي (يو سي)


يو سي 25 وڪيه سانگي (انگريزي: U C 25 Vikya Sangi) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا لاڙڪاڻي تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي لاڙڪاڻي جي يو سي 13 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 19,198 آهي[1]. ھي يونين ڪاؤنسل لاڙڪاڻي تعلقي جي اترئين پاسي ۾ ميروخان لاڙڪاڻو روڊ تي واقع آهي. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ وڪيه سانگي ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي جيڪو لاڙڪاڻي ميروخان روڊ کان 3 ڪلوميٽر اوڀر پاسي واقع آهي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ سانگي، جتوئي، مھيسر، پٺاڻ، گولا، جمالي، ڪناسرا، بروھي ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ديھ احمد پٺاڻ (آبادي 2,198), ديھ ڇٽو مھيسر (آبادي 8,687)، ديھ ننگر سانگي (آبادي 2,890)، ديھ وڪيه سانگي (آبادي 4,830) ڌوڻ، ڳوٺ بچل مھيسر، ڳوٺ ننگر سانگي، ڳوٺ پانڌي خان گولو، حسو جتوئي، ڳوٺ جوڳي ۽ ٻيا شامل آهن.

وڪيه سانگي
يو سي 25 وڪيه سانگي
يونين ڪاؤنسل
لاڙڪاڻي تعلقي جي يو سي 13
وڪيه سانگي is located in سنڌ
وڪيه سانگي
وڪيه سانگي
وڪيه سانگي is located in Pakistan
وڪيه سانگي
وڪيه سانگي
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°N 68°E / 27°N 68°E / 27; 68مڪانيت: 27°N 68°E / 27°N 68°E / 27; 68
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو لاڙڪاڻو تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 19,198

ڪائونسل سنواريو

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين علي ڏنو سانگي ۽ وائيس چيئرمين محمد رمضان جتوئي چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ ٺري ڇٽو خان جتوئي جو سليم رضا جتوئي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون سنواريو

ڳوٺ وڪيه سانگي ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا ٻہ پرائمري اسڪول واقع آھن.ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. صحت لاء ھن يو سي ۾ ڪوبه سرڪاري ادارو ڪانه آهي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم سنواريو

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون سنواريو

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا سنواريو

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/