عبدالستار افغاني ڪراچي جو اڳوڻو ميئر ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر هو۔ سندس جنم 6 جولاءِ 1930ع تي ڪراچي جي علائقي لياري ۾ ٿيو۔ هو ٻه ڀيرا ڪراچي جو ميئر 9 نومبر، 1979ع کان 7 نومبر 1983ع تائين ۽ 7 نومبر، 1983ع کان 12 فيبروري، 1987ع تائين ڪراچي جو ميئر چونڊيو ويو۔

عبدالستار افغاني جو سياسي طور تي جماعت اسلامي سان تعلق هو ۽ سال 2002ع جي چونڊن ۾ ڪراچي جي تڪ اين اي-250 تان متحده مجلس عمل جي سيٽ تان قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو۔

هن 4 نومبر، 2006ع تي 76 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي۔ کيس ڪراچي جي ميو شاهه قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو۔