نواز خان زئور سنڌ جي قومي هلچل جو هڪ وڏو نالو آهي. قومپرست سياسي اڳواڻ هجڻ سان گڏوگڏ هو هڪ اديب پڻ آهي. جنهن سنڌي ادب ۾ ڪافي ڪم ڪيو آهي. سندس ادبي ڪم ۾ ٻه جيل ڊائريون، سياسي مضمون، سوانحي ادب، ناول ۽ ترجما اچي وڃن ٿا. نواز خان زئور قومپرستي جي ڦهلاءُ لاءِ گھڻو ڪم ڪري رهيو آهي. هو هڪ قومپرست سياسي جماعت جو اڳواڻ پڻ آهي. سنڌ جي آزادي ۾ يقين رکندڙ هيءَ اڳواڻ قومي، طبقاتي ۽ جمهوري سوال کي گڏائي کڻڻ جو قائل آهي. سندس خيال آهي ته سنڌي قوم جو ڇوٽڪارو تڏهن ممڪن آهي، جڏهن قومي تحريڪ سمورن سياسي محاذن تي موجود هوندي.