نن ڪبوتر

ڪبوتر جو هڪ نسل

نن ڪبوتر يا جرمن نن ڪبوتر (انگريزي ٻولي: German Nun Pigeon)، ھڪ گھريلو ڪبوتر وانگر پاريھر (انگريزي ٻولي: Columba livia) يا راڪ پجن (انگريزي ٻولي: Rock Pigeon) جي نسل مان آھي.[1] اھا ڪبوترن جي تمام پراڻي جنس آھي.[2] [3] ھن ڪبوتر جو ھڪ قسم جيڪو ڪثرت سان جرمني ۾ ملي ٿو ان کي جرمن نن ڪبوتر چون ٿا. ان جنس جي شروعات سترھين صدي عيسويءَ ۾ چوڻ ۾ اچي ٿي. جرمنيءَ مان اھا جنس روس ۾ پڻ آئي جتي ان جو نالو نن (nun) جي بجاءِ مونڪ (monk) رکيو ويو کيس اتي ڪراس مونڪ ٿا سڏن. ھن ڪبوتر جي چنھب 15 کان 17 ملي ميٽر آھي.


ڳاڙهو جرمن نن
بقا جي حالت عام
درجه بندي

اڏار سنواريو

نن ڪبوتر گولائي ۾، مخصوص انداز سان هوا ۾ هيٺ اڏرندو آهي، هي گھڻو وقت اڏري نه سگھندو آهي.

پالڻ سنواريو

ڪبوتر جو هي نسل پالڻ ۾ انتهائي آسان تصور ڪيو وڃي ٿو. هن جا ٻچا به گھڻا ٿين.

حوالا سنواريو

  1. Levi, Wendell (1977). The Pigeon. Sumter, S.C.: Levi Publishing Co, Inc. ISBN 0-85390-013-2. 
  2. Seymour, Rev. Colin, ed (2006). Australian Fancy Pigeons National Book of Standards. 
  3. https://www.roysfarm.com/nun-pigeon/.  Missing or empty |title= (مدد)