ناوليٽ (Novelette) انسائيڪلو پيڊيا براٽنيڪا موجب ناول ان ڪھاڻيءَ کي چئجي ٿو، جيڪا ٻن لکن لفظن ۽ گهٽ ۾ گهٽ اڍائي سؤ صفحن تائين ڦھليل ھجي. ان کان گهٽ واري ڪھاڻيءَ کي ”ناوليٽ“ چيو وڃي ٿو. دراصل ناول ۽ ڪھاڻيءَ جي انفرادي خصوصيتن جي ميلاپ سان جيڪا صنف وجود ۾ ائي، ان کي ناوليٽ چئجي ٿو. ھن ۾ ناول وارا سڀ ترڪيبي جزا موجود ھوندا اھن. ناول جي ڊيگهہ بدران ان ۾ ڪھاڻيءَ کان ٿوري وڌيڪ ڊيگهہ هوندي آھي. ناوليٽ جو دائرو ننڍو ٿئي ٿو. انڪري ناول نگار ٿورن لفظن ۾ گهڻو مفھوم سمائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ناوليٽ لاءِ ناول نگار کي زندگيءَ جي ھر شعبي ۾ گهڻي ڄاڻ هئڻ ۽ لفظن جي جوڙجڪ جي مھارت حاصل هئڻ گهرجي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.