نانگ دڙو
ديھ نانگ دڙو(انگريزي: Deh Nang Daro) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا ميرپور تپي ۾ واقع آهي.
نانگ دڙو (وارھ) ديھ نانگ دڙو | |
---|---|
ديھ | |
Deh Nang Daro | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°26′28″N 67°41′02″E / 27.44111°N 67.68389°Eمڪانيت: 27°26′28″N 67°41′02″E / 27.44111°N 67.68389°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | وارھ تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 3,468 |
تاريخ سنواريو
اھا ديھ شروع ۾ ٻن حصن ديھ نانگ دڙو 1 ۽ ديھ نانگ دڙو 2 ۾ ورھايل ھئي. انھن مان نانگ دڙو 1 تپو ميرپور ۾ ۽ نانگ دڙو 2 تپو حمل ۾ واقع ھيا. بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1934 کان 1957ع تائين واري دؤر جي ھن ديھ جي اترئين ڀاڱي واري نقشي مطابق ھن ديھ ۾ رڳو ڪوٽ ھر نالي وسندي واقع ھئي. 1934ع واري ديھ نانگ دڙو 2 جي نقشي مطابق ھن ديھ جي ڏاکڻي ڀاڱي م رڳو ھڪ ڳوٺ حاجي خان چانڊيو واقع ھيو. ھاڻي ان ديھ ۾ ڳوٺ سليمان پيرزادو، ڳوٺ پڃيل خان چولياڻي، ڳوٺ خيرمحمد ٻرڙو، ڳوٺ محمد بخش چولياڻي ۽ ڳوٺ محمد صلاح چولياڻي معروف ڳوٺ آھن.
جاگرافي سنواريو
ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ حامد واھ، اوڀر ۾ ديھ ڳڙھي ماڪوڙو ، اولھ ۾ ديھ چندني جاگير ۽ ديھ حمل ڪاڇڙي ۽ ڏکڻ ۾ ديھ ميرپور واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ان جي اوڀرندي حصي مان نصير ڊسٽري وھندڙ آھي.
آبادي سنواريو
2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 3,468 ھئي جيڪا 668 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].