مڪلاڻي
ديھ مڪلاڻي(انگريزي: Deh Maklani) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا جکر تپي ۾ واقع آهي.
مڪلاڻي (وارھ) ديھ مڪلاڻي | |
---|---|
ديھ | |
Deh Maklani | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°30′33″N 67°52′51″E / 27.50917°N 67.88083°Eمڪانيت: 27°30′33″N 67°52′51″E / 27.50917°N 67.88083°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | وارھ تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 5,947 |
تاريخ سنواريو
بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1904 کان 1935ع تائين واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ماڇين جو ڳوٺ، ڳوٺ پير بخش جت، جوڻيجن جا گھر پنھنجا، ڳوٺ سومر چولياڻي، ڳوٺ ھرچو مل، ٻه غيرمعروف ڳوٺ ۽ ھڪ ڦٽل ڳوٺ واقع ھيا ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ پيرو جج، سنجر ڳوٺ، شافي ڳوٺ، ڳوٺ بنجار، ڳوٺ مصري جج، ڳوٺ سومر چولياڻي، ڳوٺ پنھل بليدي ۽ ڳوٺ جمال چانڊيو معروف آھن.
جاگرافي سنواريو
ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ بوھڙئ، اوڀر ۾ ديھ لالو رائنڪ، اولھ ۾ ديھ جکر ۽ ڏکڻ ۾ ديھ بڪيجاڻي واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي.
آبادي سنواريو
2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 5,947 ھئي جيڪا 994 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].