معاشي سفارتڪاري

معاشي سفارتڪاري يا ايڪنامڪ ڊپلوميسي (Economic Diplomacy) هڪ اصطلاح آهي، جيڪو اهم معاشي پاليسي معاملن سان واسطو رکندڙ سفارتڪاريءَ جو هي قسم ڌارئي يا ميزبان ملڪ جي معاشي ۽ واپاري سرگرمين جو جائزو وٺڻ، واپاري ۽ معاشي حلقن جي ورتائن کي نظر ۾ رکڻ ۽ مقامي ملڪ جي معاشي ترجيحن کان پنهنجي حڪومت کي آگاهه رکڻ ۽ ملڪي اثر وڌائڻ لاءِ صلاحون ڏيڻ هوندو آهي. ان کان سواءِ ڪنهن به حڪومت پاران پرڏيهي نيتيءَ ۾ سرسي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجن معاشي وسيلن کي ٻيءَ حڪومت لاءِ فائدي يا نقصان لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي عمل کي به ان اصطلاح جي حوالي سان بيان ڪيو ويندو آهي.’ معاشي سفارتڪاريءَ‘ ۾ معاشي ماهرن، واپار ۽ ڪاروبار جي پارکن، فني صلاحڪارن ۽ عالمي سطح جي ڇيدڪارن جي وڏي اهميت هوندي آهي، ان ڪري معاشيات جي شعبي ۾ مرتبو رکندڙ ماهرن کي خاص اهميت ڏيئي حڪومتي پاليسين تي صلاحون ورتيون وينديون آهن.[1]

حوالا سنواريو

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد