محمود آباد
محمود آباد(انگريزي: Mahmoodabad ) ڪراچي ايسٽ ضلعي جي ھڪ يونين ڪاميٽي جو نالو آهي جيڪا ان ضلعي جي تعلقي فيروز آباد سب ڊويزن ۾ واقع آهي. ان جي اتر ۾ پي اي سي ايڇ ايس ۽ اوڀر ۾ فيصل ڪينٽونمينٽ ۽ اولھ ۾ چنيسر ڳوٺ ۽ ڏکڻ ۾ اعظم بستي ۽ منظور ڪالوني واقع آهن. 2013 کان اڳ ان جو درجو جمشيد ٽائون جي ساڳي نالي سان يونين ڪاؤنسل نمبر 5 وارو ھيو جنھن کي يونين ڪاميٽي ۾ تبديل ڪري فيروز آباد جي نالي سان نئين قائم ٿيل تعلقي ۾ شامل ڪيو ويو. ھن ڪالوني ۾ اردو ڳالهائيندڙن ۽ پنجابين کان سواءِ سنڌي، پٺاڻ، سرائڪي ماڻھو رھندڙ آھن. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي م چيئرمين جي سيٽ تي ملڪ ساجد دبير چونڊجي آيو ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽ تي خرم شھزاد چونڊجي آيا. ٻنھي جو تعلق ايم ڪيو ايم پاڪستان سان آھي[1]. ھن يو سي ۾ محمود آباد قبرستان، سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ نمبر 11 محمود آباد، گرين بيلٽ ماڊل پارڪ محمود آباد، ٽيپو سلطان ٿاڻو، لياقت محي الدين پارڪ محمود آباد واقع آھن.
محمود آباد | |
---|---|
سنڌ جي جي يونين ڪاميٽي | |
يو سي 5 محمود آباد | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 24°50′51″N 67°03′57″E / 24.84750°N 67.06583°Eمڪانيت: 24°50′51″N 67°03′57″E / 24.84750°N 67.06583°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ڪراچي اوڀر ضلعو |
تعلقو | فيروز آباد سب ڊويزن |