محبوب عالم اداڪار
محبوب عالم 1948ع ۾ ٽنڊي غلام علي، ماتلي ضلعي بدين(اڳوڻي ضلعي حيدرآباد) ۾ ڄائو. تاريخ ۾ ماسٽرس ڪرڻ بعد هن پنهنجي فلمي زندگيءَ جي شروعات سنڌي فلم سورٺ سان ڪئي. ان کان پوءِ هن پاڪستان ٽيليويزن جي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ننڍا وڏا ڪردار ادا ڪيا پر 1979ع ۾ مشهور ٽيليويزن ڊراما سيريل "وارث" ۾ چوڌري حشمت جو ڪردار ادا ڪري راتو رات شهرت جي بلندين تي پهچي ويو. ان کان پوء، هن ڪيترن ئي ٻين ٽيليويزن سيريلن ۾ ڪم ڪيو آهي، جن ۾ دهليز، سمندر، وقت،لازوال ۽ پياس شامل آهن. هن اردو، سنڌي، سرائيڪي، پنجابي ۽ پشتو جي 50 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي. پاڻ کي ڪجهه فلمون جي ھدايتڪاري پڻ ڏني. پاڪستان ٽيليويزن، ريڊيو ۽ فلم جو مشهور اداڪار محبوب عالم 18 مارچ 1994ع تي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
سنڌ جو هي سدا بھار انسان ٽنڊي غلام علي، ماتلي ضلعي بدين ۾ اباڻي قبرستان ۾ ابدي آرامي آهي.
محبوب عالم (اداڪار) | |
---|---|
معلومات شخصیت | |
تاریخ پیدائش | 14 مارچ 1948 |
وفات | 20 مارچ 1994 (46 سال)
ڪراچي |
شھرت | پاڪستان |
عملی زندگی | |
پیشو | اداڪار، ٽیلی ویزن اداڪار |