ماهيا (Mahia) پنجاب جي شاعريءَ جي حسين ۽ مقبول صنف آهي. هن جو تعلق ’ماه‘ لفظ سان آهي. ”ماه“ اصل فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’چنڊ‘. جيئن تہ چنڊ هڪ چمڪندڙ، خوبصورت ۽ خوشنما گره آهي؛ تنهن ڪري برصغير جي ماڻهن محبوب کي اُن سان تشبيهه ڏئي کيس ”ماهتاب“، ”قمر“، ”ماهي“ سڏيو آهي: يعني ’چنڊ جهڙو حسين ۽ خوبصورت چهرو‘. ساڳيءَ طرح سان محبوب جي تعريف ۾ چيل شعر کي پڻ ”ماهيا“ نالو ڏنو ويو آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ ماهيا جي صنف گذريل ٿورن سالن کان مروج آهي. سنڌي شاعرن هن صنف کي ساڳي ئي رنگ ۽ ڍنگ ۾ پيش ڪيو آهي، جهڙيءَ طرح پنجابي شاعريءَ ۾ پيش ڪئي وڃي ٿي. هن ۾ مضمون به ساڳيوئي پنجابي شاعريءَ وارو آندو وڃي ٿو، جنهن ۾ محبوب جي تعريف ۽ سندس وڇوڙي جا ورلاپ بيان ڪيا ويندا آهن ۽ کيس ملاقات ڪرڻ لاءِ التجا ڪئي ويندي آهي. سنڌيءَ ۾ سڀ کان اڳ نياز همايونيءَ ماهيا لکيا آهن، جيڪي ڏاڍا خوبصورت آهن.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.