پندرهين صدي عيسويءَ جي پڄاڻيءَ تي آمريڪا ۽ هندستان جي ڳولا کان پوءِ يورپي ماڻهن کي جتي بيشمار مادي فائدا پهتا، اتي سندن ڄاڻ ۾ به ڏاڍو واڌارو ٿيو. هُو سمنڊ پار کان موٽندڙ واپارين، جهازين ۽ سياحن جا قصا ڏاڍي شوق سان ٻڌندا ۽ انهن جي سفرنامن کي وڏي دلچسپيءَ سان پڙهندا هئا، جيتوڻيڪ انهن قصن ۾ سچ کان وڌيڪ تصور مليل هوندو هو. انهن جي اهڙين ڳالهين ڪري ماڻهن ۾ جيڪڏهن هڪ طرف دولت حاصل ڪرڻ جي لالچ وڌندي هئي، ته ٻئي طرف اڻڄاتل دنيا کي ڏسڻ جو جوش به پيدا ٿيندو هو. اهڙي ذهني ماحول کان متاثر ٿي سرٿامس مور پنهنجي مشهور ڪتاب يوٽوپيا (Utopia) ۾ هڪ فرضي سياح جا تجربا لکيا. ان سياح جو لنگهه هڪ اهڙي ڏورانهين ٻيٽ کان ٿيو جتي مساوات واري نموني جو سماج هلندڙ هو ۽ ماڻهو سک سانت جي حياتي گذاريندا هئا. سير ۽ سفر جو اهڙو ئي مزاج هو، جنهن انگريز ناول نويس ڊيفو کان رابن سن ڪروسو ۽ سُوئفٽ کان گليوَر جو سير سفر لکرايو. خير، اهي ته قصن ۽ آکاڻين جون ڳالهيون هيون، پر سترهين صديءَ جي وچ ڌاري هابس لاڪ ۽ روسو ”سماجي معاهدي“ جا جيڪي نظريا ڏنا، تن مان اندازو ٿئي ٿو ته اولهه جي سياسي مفڪرن کي به اڳوڻن انسانن جي سماجي زندگيءَ بابت ٽيڪاٽپڻيون ڪرڻ ۾ ايشيا ۽ آمريڪا جي حالتن کان وڏي مدد ملي هئي. [1] [2]