عبدالسلام ٿهيم (انگريزي ٻولي: AbdulSalam Thaheem) ناميارو سياستدان. حاجي گل محمد ٿهيم جو اولاد، پهرين جنوري 1950ع تي ڳوٺ طيب ٿهيم (شهدادپور) ۾ جنم ورتو[1].


عبدالسلام ٿهيم
عبدالسلام تھہیم
پيدائش Abdul-Salam Thaheem
جنوري 01 1950(1950-01-01)
ڳوٺ طيب ٿهيم, شهدادپور, سنڌ, پاڪستان
وفات اپريل 22, 2012(2012-04-22)
قوميت پاڪستاني
بُڻ بُڻياد سنڌي
تعليم گريجوئيشن
مادر علمي سنڌ يونيورسٽي
پيشو سابق وزير ٽيڪنيڪل ايجيوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي
مذھب اسلام

تعليم سنواريو

عبدالسلام ٿهيم سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي.

سياسي سفر سنواريو

1968ع کان هن سياست ۾ پير پاتو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان سندس پراڻو ناتو رهيو. شروعات ۾ پ. پ جو تعلقي صدر ۽ پوءِ ضلعي سانگهڙ جو صدر بڻيو، جڏهن ته پ. پ سنڌ جو رابطه سيڪريٽري به رهيو.

وزارتون سنواريو

عبدالسلام ٿهيم 1988ع ۾ پهرين چونڊ وڙهي ۽ ڪامياب ٿيو، جنهن بعد ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن جو وزير مقرر ٿيو؛ 1990ع واري چونڊ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو؛ 1993ع واري اليڪشن ۾ سوڀارو ٿيو، جنهن بعد کيس سنڌ جي تعليم جو وزير مقرر ڪيو ويو؛ 1996ع ۾ جهنگلي جيوَت کاتي جو وزير ٿيو؛ 1997ع واري چونڊ ۾ سرسي حاصل نه ٿيس، جڏهن ته 2008ع واري چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ کيس سنڌ جي ”ٽيڪنيڪل ايجيوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽيءَ“ جي وزارت جو قلمدان مليو.

وفات سنواريو

عبدالسلام ٿهيم 22 -اپريل- 2012ع تي وفات ڪري ويو.

حوالا سنواريو

حوالا سنواريو