عالمي معيار (Universal Standards) اھي ڪسوٽيون آھن، جيڪي زندگيءَ جي مختلف ميدانن ۾ انساني تجربن جو جوھر بڻجي طئي ڪيل خوبيون يا چڱايون ليکجن ٿيون ۽ زمانن تائين پراڻيون نہ ٿيون ٿين. علامہ آءِ آءِ قاضي اهڙن عالمي معيارن مطابق شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر ثابت ڪيو آهي. اهڙن معيارن تي ايڇ. ٽي. سورلَي پڻ شاھ جي دنيا جي شاعرن سان ڀيٽ ڪري کيس دنيا جو هڪ وڏو شاعر ثابت ڪيو آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.