صيهونيت

يهودين کي فلسطين ۾ آباد ڪرڻ جي حمايت لاءِ يهودي قومپرست هلچل

صيھونيت (Zionism) مان مراد آهي يھوديت يا يھودين جي سياسي ۽ مذهبي تحريڪ. هن نظريي يا تحريڪ جي اصل شروعات تہ پھرين صدي عيسويءَ دوران، يھودين جي، وچ اوڀر مان جلاوطنيءَ سان ٿي، جيڪا مختلف روپن ۾ صدين تائين جيئري رهي. جديد صيھوني تحريڪ جي شروعات 1897ع ڌاري سئٽزرلينڊ جي شھر بيسل (Basle) ۾ سڏيل عالمي يھودي ڪانگريس ۾ ٿي. آسٽرو-هنگريائي رياست جي شھر پيسٽ ۾ ڄاول مشھور صيھعني صحافي ۽ اڳواڻ ٿيوڊورهَرزل 1896ع ۾ يھودي رياست (Der Jude Stat) جي عنوان سان پمفليٽ لکي، هن تحريڪ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. هن نظريي جي سلسلي ۾ کيس اوڀر يورپ مان بہ سٺي حمايت حاصل ٿي. صيھونيت يا زاينزم جو مقصد دُنيا ۾ يھودين لاءِ هڪڙي رياست قائم ڪرڻ هو، جيڪا قدامت پسند يھودي نظريي موجب سندن مفادن جو بچاءُ ڪري ۽ کين پنھنجي عقيدي مُوجب زندگي گذارڻ جو حق ملي. هن تحريڪ جو پورائو 1948ع ۾ ٿيو، جڏهن وچ اوڀر ۾ اسرائيل وجود ۾ آيو.[1]

حوالا سنواريو