صورتخطي (Spelling) اھا هوندي آھي، جنھن ۾ حرفن کي ملائي ھڪ مقرر املا ۾ لکجي. جنھن سان لفظ ٺھي ٿو. ڪنھن بہ زبان ۾ لفظن ۽ جملن جي لکت لاءِ آوازن جي تحرير ڪيل صورتن (لکت وارين صورتن) کي اهڙي نموني استعمال ڪرڻ، جو اها لکت سڄي ملڪ لاءِ هڪ جھڙي معياري ۽ درست هجي. اھڙي طرح مڪمل عبارت، جيڪا ساڳيءَ رسم الخط ۾ لکجي ۽ ان مان مطلب ۽ مقصد ظاھر ٿئي تہ ان کي بہ ”صورتخطي“ چئبو آھي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.