شورو (عربي: ابقر، فارسي: شوره، هندي/اردو، وغيره: چهاچاڪاره، يسو، شورج، تلاتيسين ۽ کهيوخته) اڇي رنگ جا قلمن وانگر ٽڪر ٽڪر ٿيندا آهن. ڪلراٺي زمين جي پيدائش آهي.[1]

طب سنواريو

خاصيت: گهاٽي بلغم لاءِ جلاب آهي. ڪچن خلطن کي پچائي ڪڍي ٿو. معدي، آنڊن ۽ اندرين پردن جي رطوبت کي دستن جي رستي ٻاهر ڪڍي ٿو. کنڊ سان ملائي کارائبو تہ حيض ۽ پيشاب کي جاري ڪندو. مثاني جي ڦٽ، مثاني جي پٿري، پرميل، جلندر، ٻرهل، چيلھ جي سور، قولنج، اکين جي ڌنڌ، خارش، ۽ کاڌ لاءِ مفيد آهي.

حوالا سنواريو

  1. فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.