سنڌ پوليس (اردو: سندھ پولیس)، هڪ قانون لاڳو ڪندڙ ادارو آهي، جيڪو سال 1843ع ۾ سر چارلس نيپئر پاران جاري ڪيل اعلان هيٺ قائم ٿيو. ان جي شروعات کان وٺي، هن تنظيم کي، سنڌ ۾ امن امان ۽ قانون لاڳو ڪرڻ کي برقرار رکڻ لاء، رائل آئرش ڪانسٽيبلري جي ماڊل تي قائم ڪيو ويو آهي. ڊپارٽمينٽ اٽڪل 1,40,914 چورس ڪلوميٽر جي ايراضيءَ تي ڪم ڪري ٿو ۽ اٽڪل 2,80,000 پوليس آفيسرن ۽ سپاھین جو اسٽاف ڊپارٽمينٽ ۾ خدمتون سرانجام ڏئي ٿو. رفعت مختار موجوده انسپيڪٽر جنرل آف پوليس، سنڌ آهي، جنهن کي آگسٽ 2023ع ۾ مقرر ڪيو ويو.

سنڌ پوليس کي ڪيترن ئي فلمن، ناولن، ڊرامن ۽ ٽيليويزن شوز ۾ افسانوي انداز سان گڏوگڏ ڊرامائي طور پيش ڪيو ويو آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. "Divergent Image". PTV Drama Serials. وقت 2021-12-21 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 18 May 2014.