سانچو:مُک صفحو/چونڊ مضون

دمجلي چُر مان لڌل پٿر

دامجلي چُر (انگريزي ٻولي: Damjili Cave) ”روئڻ وارو پاڻي“ آذربائيجان ۾ هڪ اڌ گول سرڪل شڪل واري غفا جي ماڳ (6400-6000 ق.م) تي آهي، جتي تواريخي زماني کان اڳ جي (پري هسٽارڪ) پراڻو پاهڻي دور (پليئلوٿڪ) انسان جي موجودگي ۽ پٿر جو وچيون (ميسوليٿيڪ) دور کان اڳ واري انسان جي موجودگي جا ثبوت لڌا ويا. ان غفا ۾ پٿر جا انيڪ اوزار، تير جا نشان، چڪمڪ ڇُري (ڪاتي)، چُلهه (آتش دان) جي باقيات ۽ جانورن جا فوسل ٿيل هڏا غار ۾ مليا آهن. ان چُر ۾ ڪيترائي گيڙو، ھلڪو ھيڊو (ochre) جا نشان ڏٺا ويا آهن، جيڪي ان خيال کي ظاهر ڪن ٿا ته ان غفا ۾ قبضو ڪري ويٺل ماڻهن ۾ علامت ۽ رس گيان (جماليات) سان سلهاڙيل اِڇا (خواهش) هئي. تري واري مٽي- لَٽُ جا تَهه، جن ۾ اوچر (گيڙو ochre) ملايا ويا هيا، سي وڌيڪ گيسريو (ڍرو) تهن سان ملايا ويا هيا، جنهن منجهان پَروڙ پوي ٿي ته ان جو استعمال موسيرين سڀيتا سان ملندڙ هڪجهڙائي رکندڙ آهي.