زمين تي پاڻيءَ جي اصليت

(زمين ۽ پاڻي کان چوريل)

زمين تي پاڻيءَ جي اصليت ڌرتي تي جيڪو پاڻي نظر اچي ٿو، اهو ان جي ٺھڻ وقت نہ هو. سائنسدانن جي خيال ۾ ڌرتيءَ تي موجود پاڻي اصل ۾ پُڇڙ تارن ۽ سيارچن جي ڌرتيءَ سان ٽڪرائڻ جي ذريعي آيو هو. ان وقت جڏهن سج منڊل (نظام شمسي) اڄ کان 4.6 ارب سال پهرين وجود ۾ آيو هو. تڏهن پاڻي جا ذرا ان دوڙ ۽ پٿرن جي واچوڙي ۾ موجود هئا. پر زمين جي گرمي پد وڌيل هئڻ سبب پاڻي بخار ٿي مٿي هليو ويندو هو. ان دوران ايندڙ 70 ڪروڙ سالن تائين هن گرھ يا ڌرتيءَ تي پُڇڙ تارن ۽ سيارچن جو وسڪارو ٿيندو رهيو. ڌرتي سان ٽڪرائڻ وارن يا وسڻ وارن پُڇڙ تارن ۽ سيارچن ۾ برف موجود هئي، جيڪا پوءِ رجي پاڻيءَ جي صورت اختيار ڪري وئي.[1]

حوالا سنواريو