روشن خيالي (Enlightenment) روشن خيال عام طور تي اهڙي شخص کي چيو ويندو آهي، جيڪو غلط روايتن، رواج پرستي جي زنجيرن کان آزاد هجي ۽ اخلاق ۽ معاشرتي طور طريقن کي عقل ۽ فھم سان پرکي ۽ انهن کي پنھنجي زندگيءَ ۾ اپنائي يا بين الاقوامي سطح تي نون تقاضائن مطابق اختيار ڪجي. اهڙا عمل جي روايت پرستيءَ جي خلاف هجن ۽ عقل فھم جي روشنيءَ ۾ عالمي قدرن مطابق هجن، تن کي روشن خياليءَ ۾ شمار ڪبو آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.