روجهہ (Nilgai) جابلو ۽ ريگستاني جانور آهي. هن کي جابلو ڳئون بہ سڏيو ويندو آهي. سائنسي ٻوليءَ ۾ Boselaphus Tragocamelus چوندا آهن.

روجهہ

جسم جي بناوٽ سنواريو

روجهہ جو رنگ عام طرح ڪارو، ڀورو ۽ ڳاڙهو ٿيندو آهي. ان جي جسماني بناوت ڳئون جھڙي ٿيندي آهي ۽ ان جي ڳچيءَ تي ننڍا وار ٿيندا آهن. نر روجهہ جي مٿي تي ڪارا سڱ ٿيندا آهن. هي جانور عام طور ٽولن جي صورت ۾ گهٽ گهمندو آهي. اڪثر اڪيلو گهمندو آهي. صبح شام چاري لاءِ ڦرندو رهندو آهي.

نسل جي واڌويجھ سنواريو

مادي روجهہ 2 سالن ۾ بالغ ٿيندي آهي ۽ نر 4 کان 5 سالن ۾ بالغ ٿيندو آهي. ھونئن تہ سڄو سال ميلاپ ڪري سگهن ٿا پر نومبر جي وچ کان مارچ تائين هنن جي لڳ جي مند آهي. روجهہ جي مادي، اٺن مهينن ۾ ٻچا ڄڻيندي آهي، جيڪي پيدائش وقت ڪمزور هوندا آهن. روجهہ نيم صحرائي علائقن ۾ بہ ملي ٿو. هن جي طبعي عمر 10 سال آهي.

تصويرون سنواريو

روجهہ بابت شاعري سنواريو

شاھ لطيف، سُر ديسيءَ ۾ روجهہ جو ذڪر ڪيو آهي:

’روجهہ‘ ڏٺائين رات، هوت ڳوليندي حَب ۾،
ڪيچين جي ڪڙي ٿيئي، توءِ تنين جي تات،
ٻاروچاڻي ذات، منان مون نه وسري.