ذوالفقار علي ڀٽي

ذوالفقار علي ڀٽي مضمون نڱار، ليکڪ ۽ شاعر آھي. پاڻ سنڌي ٻارن جي رسالي لاٽ، يونيورسٽي ميگزين دي چيلينجر جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي . ٻاراڻي ادب جا ڪتاب شايع ڪندڙ اداري مهراڻ پبليڪيشن حيدرآباد جو باني ميمبر پڻ آهي. سنڌي، اڙدو ۽ انگريزي اخبارن ۾ سندس مضمون شايع ٿيندا رهن ٿا. ذوالفقار علي ڀٽي 200 کان به وڌيڪ نصابي ڪتاب اردو، سنڌي، انگريزي ٻولين ۾ ترتيب ڏئي پنهنجي ڌرتي واسين جي خدمت ڪئي آهي. [1]

پيشه ورانه ڪيريئر سنواريو

ذوالفقار علي ڀٽي 12 مارچ 1971ع تي وحدت ڪالوني حيدرآباد ۾ ڄاؤ. سندس پھريون ڪتاب ”سھڻا گل گلاب جا“ 1985 ۾ 14 سالن جي عمر ۾ ڇپيو جيڪو ھن سندس ساٿي ڪھاڻيڪار مضفر لڪياري سان گڏجي مرتب ڪيو ھو. ھن روزانه آفتاب حيدرآباد جي ٻارن جي صفحي”ٻارن جي دنيا“ کان لکڻ جي شروعات ڪئي.[2] 1988ع ۾ ساٿي ڪھاڻيڪار الطاف ملڪاڻي سان گڏجي مھراڻ پبليڪيشن جو بنياد وڌو ۽ ٻارڻو رسالو” لاٽ“ جاري ڪيو. ذوالفقار علي ڀٽي جا ٻارن لاء ٻه ناول خوفناڪ سازش مهراڻ پبليڪيشن پاران جڏهن ته انجام ڪونج پبليڪيشن پاران شايع ٿي چڪا آهن.[3] هن زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام مان بي – اي (بيچلر آف انجنيئرنگ) پاس ڪئي. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي انگلش جي ڊگري پڻ ورتي. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ واٽرمئنيجمنٽ ڊپارٽمنٽ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو ۽ بعد ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري تعليم کاتي ۾ ليڪچرر طور مقرر ٿيو ۽ هن وقت اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت سان ڪيترن ئي شاگردن کي علم جي زيور سان سنواري رهيو آهي. 2020 ۾ فڪشن هائوس لاهور پاران سندس انگريزي شاعريءَ جو ڪتاب پڻ شايع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هڪ پاسي سنڌ جي سداحيات شاعر لطيف سائين جي سُرڪيڏارو جو انگريزي ۾ ترجمو موجود آهي ته ٻئي پاسي 628 سٽن تي ٻڌل هڪ رزميه انگريزي نظم انشيڊ ٽيئرس پڻ شامل آهي،[4] جيڪوملڪي سطح تي هڪ رڪارڊ آهي ڇو ته اڄ تائين ڪنهن به پاڪستاني شاعر ايڏو طويل نظم انگريزي ۾ ناهي لکيو.[5] ان کانسواءِ هن دنيا کي سنڌ جي تاريخ، ثقافت، سياست، سماجيات کان واقف ڪرائڻ لاءِ “سنڌي پيڊيا” جي نالي سان انگريزي آنلائن انسائڪلوپيڊيا پڻ جوڙي آهي.

اهم اشاعتون سنواريو

سندس مکيه اشاعتن ۾ انگريزي گرامر جو ڪتاب Fundamentals of English Grammar (Advanced)، سنڌي مضمون نويسي ۽ سنڌي - انگريزي ڊڪشنري ۽ انگريزي شاعري جو ڪتاب انشيڊ ٽيئرس (Unshed Tears) شامل آهن. ٻين ڪتابن ۾ سائنس، سوشل اسٽڊيز، ڪمپيوٽر، سنڌي، اردو ۽ انگريزي جا درسي ڪتاب شامل آهن. پاڻ سنڌ ٽيڪٽ بڪ بورڊ پاران شايع ٿيل يارهين درجي جي انگريزي جي درسي ڪتاب جي ليکڪن ۾ پڻ شامل آهي، هن ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي اصطلاحن جي سنڌي کان انگريزي ڊڪشنري پڻ مرتب ڪئي آهي.[6]

  1. Staff, MM News. "Meet Professor Zulfiqar Ali Bhatti, an author of more than 200 books". MM News. حاصل ڪيل 2023-04-01. 
  2. روزانه آفتاب حيدرآباد
  3. New novel of Zulfiqar Ali Bhatti for children published - The Sindh Times, وقت 2014-11-30 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-05-09 
  4. InpaperMagazine, From. "BOOKS IN BRIEF". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2023-04-01. 
  5. "National Record: Zulfiqar Ali Bhatti’s Unshed Tears becomes the longest English poem ever written by any Pakistani poet – Daily News". حاصل ڪيل 2023-04-01. 
  6. "First English-Sindhi Dictionary of Computer and Internet Terms launched". The Pioneer-Pakistan. حاصل ڪيل 2023-04-01.