سنڌي ٻوليءَ جي مزاحمتي شاعر حليم باغيءَ جو اصل نالو عبدالحليم ولد محمد سومار ساند آهي. هن 13 مارچ 1963ع تي تاريخي ڳوٺ روحل واءِ لڳ عمرڪوٽ، ضلعي ميرپورخاص ۾ -جنم- ورتو. ابتدائي -تعليم- پرائمري اسڪول حاجي ڪالي خان کوسي ۽ ثانوي -تعليم- گورنمينٽ هاءِ اسڪول عمرڪوٽ مان ورتائين. ايم. اي (سنڌي) ۽ بي. فارميسي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. بي. ايڊ ۽ ايم. ايڊ پڻ (95- 1996ع ۾) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. سندس مامو -جمن دربدر- پڻ شاعر آهي. اهڙيءَ طرح ڄڻ ته شاعري حليم باغيءَ کي گهران ئي ورثي ۾ ملي. هن 78- 1977ع ڌاري شاعري شروع ڪئي. غزل، نظم، وائي ۽ -بيت- هن جي پسند جون صنفون آهن. حليم باغيءَ جا نظم مزاحمت ۽ رومان جا شاهڪار آهن، -جن- سنڌ جي ڪيترن نوجوان شاعرن کي متاثر ڪيو آهي، پر عام پڙهندڙن کي به اهي ڏاڍا پسند اچن ٿا. حليم باغيءَ جو نالو جديد سنڌي شاعريءَ ۾ نوجوان ٽهيءَ اندر نمائنده شاعر طور مڃيو وڃي ٿو. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”شهرِ جانان“ ٽي ڀيرا شايع ٿيو آهي. حليم -باغي- هاءِ اسڪول عمرڪوٽ ۾ H.S.T آهي. تازو سندس ڳوٺ ’روحل واءِ‘ ۾ ضلعي انتظاميه ’حليم -باغي- لئبرري‘ قائم ڪئي آهي.[1]

حوالا سنواريو