يو سي حاجي مريد ڳوٺ(انگريزي: UC Haji Mureed Goth ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ڪراچي سينٽرل جي تعلقي ناظم آباد سب ڊويزن جي ھڪ يونين ڪاميٽي آهي جنھن جي اتر م ناظم آباد 2 اولھ ۾ فردوس ڪالوني ۽ سلطان آباد، ڏکڻ ۾ لياري ايڪسپريس وي ۽ اوڀر ۾ ناظم آباد سي 1 ۽ خاموش ڪالوني واقع آھن. 2015 جي بلدياتي اليڪشن ۾ ھن يو سي جو چيئرمين مرزا خالد بيگ ۽ وائيس چيئرمين شيخ غضنفر احمد رضوي چونڊجي آيا جن جو تعلق ايم ڪيو ايم پاڪستان سان آھي[1]. آبادي جي اڪثريت ۾ اردو ڳالهائيندڙ ۽ سنڌي شامل آهن. ھتي مدرسه ھدايت المحمود، گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول واقع آھن.

حوالا سنواريو

  1. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2023-10-06 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-04-09