سنڌ ۾ اُڙد کي گهڻو ڪري ’مانهن‘ جي دال چوندا آهن. هيءُ خريف (ڪَتي) جو فصل آهي. هيءُ ٻوٽو زمين تي ڇَٽُ هڻي پکڙي بيهندو آهي. هن ٻوٽي جا پن ويڪرا ۽ ٽاريون ڊگهيون ۽ سنهي بج واريون ٿينديون آهن. هن جا گل ڇُڳي جي صورت ۾ ٿين ٿا. هن جو ٻج چڻي جيڏو ٿو ٿئي. مانهن مان بهترين قسم جي دال ٺهندي آهي، جنهن ۾ 22 کان 24 سيڪڙو پروٽين موجود هوندي آهي.

مانهن جي اٽي مان پاپڙ سٺا ٺهندا آهن، تنهن کان سواءِ شادي مراديءَ ۾ ڪنوار لاءِ اُٻٽڻ به مانهن جي اٽي مان ٺهندو آهي. اُٻٽڻ ۾ خوشبوئون ملائيندا آهن. مانهن جو اٽو ڳوهي رکڻ کان پوءِ ڦوڪجي پوندو آهي ۽ گهڻي جاءِ والاريندو آهي، تنهن ڪري عام محاورو آهي: ”مانهن جي اٽي وانگر ڦوڪجڻ“.[1]

  1. اڙد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، (جي ويب-سرزمين)، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.