ايڇ. ٽي. لئمبرڪ
معلومات شخصيت
تاريخ ڄم 20 اپريل 1904 [1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
تاريخ موت سال 1982 (77–78 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
شھريت گڏيل بادشاھت
عظيم برطانيا ۽ آئرلينڊ جي گڏيل بادشاھت (–12 اپريل 1927)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي انگريزي ٻولي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي

هگ ٽريور لئبرڪ (Hugh Trivor Lamberic) سنڌ جي اڳوڻي انگريز عملدار سنڌ جي تاريخ، جاگرافي ۽ آثار قديمہ تي مهارت رکندڙ 1940ع ۾ برطانيا ۾ جنم ورتو. هن آڪسفورڊ جي اورينٽيئل ڪاليج ۾ تعليم ورتي ۽ جديد تاريخ ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪئي. هن جو هڪ اهڙي انگريز خاندان سان واسطو هو، جن جي فردن سنڌ ۾ انگريزن جي آمد کان اڳ ۽ 1843ع ۾ سنڌ جي فتح کان پوءِ ملازمت ڪئي هئي. هن جو نانو 1889ع ۾ سنڌ جو ڪمشنر رهي چڪو هو. ايڇ. ٽي. لئمبرڪ 1927ع ۾ انڊين سول سروسز ۾ شامل ٿيو ۽ آءِ.سي.ايس. (I.C.S) جي کليل چٽاڀيٽيءَ واري امتحان ۾ پھريون نمبر آيو ۽ آءِ.سي.ايس. جي بمبئيءَ ڪيڊر ۾ شامل ٿيو. اهڙيءَ طرح هو 1927ع کان 1946ع تائين سنڌ ۾ ڪيترن ئي انتظامي عهدن تي رهيو. لئمبرڪ 1933ع ۾ سنڌ ايڊمنسٽريٽو ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري رهيو، جنهن ڪميٽيءَ جي ميمبرن ۾ سر عبدالله هارون ۽ -ايوب کهڙو- شامل هئا، -جن- کي 1935ع جي گورنمينٽ آف -انڊيا ائڪٽ- هيٺ -بمبئي- پرڳڻي کان ڌار ٿيندڙ خودمختيار سنڌ صوبي جي سموري انتظامي جوڙجڪ تيار ڪرڻ جي ذميواري سونپي وئي هئي. 1940ع واري ڏهاڪي ۾ هو حُرن جي ڪاررواين ۾ ملوث ٿيو، جنهن دوران سڄي اڀرندي سنڌ تي مارشل لا مڙهي وئي هئي ۽ هن مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جي حيثيت ۾ حُرن تي سختيون ڪيون. مرحوم -آغا- عبدالنبي سندس هٿ هيٺ نائب نائب ائڊمنسٽريٽر طور ڪم ڪيو.

حُر تحريڪ جي پسمنظر ۾ ناول جي انداز ۾ لکيل سندس ڪتاب ”The Terrorist“ مشھور آهي، جنھن ۾ 1940ع واري ڏهاڪي جي حُر تحريڪ تي روشني وڌل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪيتريون اعتراض جوڳيون ڳالهيون بہ لکيل آهن، جن سان حُر تحريڪ سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ سنڌ جي تاريخدانن کي سخت اختلاف آهن. هن ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ”حُر گوريلا جنگ“ جي نالي سان اديب عطا محمد ڀنڀري 2002ع ۾ ڪيو.

لئمبرڪ 1934ع کان 1935ع تائين جيڪب آباد ضلعي جو ڊپٽي ڪليڪٽر رهيو، ٿوري عرصي تائين بدلي ٿيڻ بعد وري هڪ سال هن ئي ضلعي جو ڊپٽي ڪليڪٽر رهيو. سنڌ ۾ نوڪريءَ دوران لئمبرڪ سنڌي زبان تي چڱي مھارت حاصل ڪئي. هن واندڪائيءَ وارو وقت سنڌ جي قديم تاريخ، جاگرافي، آرڪيالاجي، قومن ۽ قبيلن جي ڄاڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اڀياس لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. انهن موضوعن تي هن ”سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ“ جي جرنل ۾ ڪيترائي مضمون لکيا ۽ خود هن سوسائٽيءَ جو 1940ع کان 1943ع تائين صدر پڻ رهيو. 1947ع ۾ لئمبرڪ انڊين سول سروس تان رٽائرمينٽ کان پوءِ سنڌ ڇڏي انگلينڊ هليو ويو، جتي کيس اورينٽيئل ڪاليج آڪسفورڊ ۾ ”هندستاني تاريخ“ ۾ سينيئر ريسرچ فيلو مقرر ڪيو ويو، جتي هن 1971ع تائين ڪم ڪيو. هن کي 1971ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ڊي.لِٽ جي ڊگري ڏني وئي ۽ اورينٽيئل ڪاليج جو فيلو ايمريٽس (Fellow Ameratus) چونڊيو ويو.

ايڇ.ٽي لئمبرڪ انگلينڊ واپسيءَ واري وقت شادي ڪئي، سندس گهر واري گئبلري وقت کان اڳ 1968ع ۾ گذاري وئي. کيس ٻہ پٽ، رچرڊ ۽ وليم ٿيا. ايڇ.ٽي لئمبرڪ خود هڪ ڊگهي بيماريءَ کان پوءِ 31 آگسٽ 1982ع تي وفات ڪئي.

ايڇ. ٽي. لئمبرڪ کي سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي لباس سان پيار هو. هو بوسڪيءَ جي جوڙي ۽ پٽڪي ۾ ملبوس رهندو هو. سنڌ ڇڏڻ کان پوءِ جڏهن لنڊن جي آڪسفورڊ شھر ٻاهران بُوئر جي ٽڪريءَ تي رهائش پذير هو، تڏهن سنڌ جو ڪو ماڻهو ساڻس گهر تي ملڻ ويندو هو ته ان کي سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت جا رنگين قصا ٻڌائي خوش ٿيندو هو، هن سنڌ بابت ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ هيٺيان مشھور آهن:

  1. Sir Charles Napier and Sindh (1952).
  2. John Jacob of Jacobabad (1966).
  3. Sindh: A General Introduction Vol:I.
  4. Sindh Before Muslim Conquest Vol:II.

هن پويان ٻئي ڪتاب، سنڌي ادبي بورڊ جي گذارش تي لکيا هئا، جن مان پھريون ڪتاب 1964ع ۾ ۽ ٻيو ڪتاب 1973ع ۾ شايع ٿيو هو، جنهن جا ان کان پوءِ بہ ٻہ ٻہ ڇاپا اچي چڪا آهن. هنن ٻنهي ڪتابن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو: ”سنڌ: هڪ عام جائزو“ ۽ ”سنڌ: مسلمانن جي فتح کان اڳ“ عنوان سان سنڌي ادبي بورڊ پاران، ترتيبوار 1982ع ۽ 1984ع ۾ ڇپيا ۽ ٻنهي ڪتابن جا هن وقت تائين ٽن کان وڌيڪ ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. پھرين ڪتاب جو ترجمو سليم احمد ۽ ٻئي جو سومار علي سومري ڪيو هو، ۽ سنڌي ترجمي جي تصحيح نامياري دانشور محمد ابراهيم جويي ڪئي هئي.

کيس سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ جي صلي ۾ ”سنڌ: صدين کان سيمينار“ جي موقعي تي 1975ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ پاران اعزازي ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ڏني وئي.

ليمبرڪ پيپرس“ انگلينڊ ۾ پڌرا ڪيا ويا، جن ۾ انگريزي دور ۾ حُرن بابت ايڇ. ٽي. لئمبرڪ جي سموري لکپڙھ شامل آهي. ان مواد کي ”سي.ڊي“ جي صورت ۾ محترم خادم حسين سومري سنڌ آندو هو، ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي هال ۾ اٿارٽيءَ ۽ سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ جي سھڪار سان 25 جنوري 2009ع تي جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ان پروگرام جي رونمائي ڪئي هئي. ان موقعي تي اديبن ۽ عالمن ان مواد تي روشني وجهندي چيو هو تہ هي مواد اختلافي آهي، جنھن ۾ حرن خلاف انگريزن جو هڪ طرفو موقف پيش ڪيل آهي، بهرحال ان جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي تاريخ جي اهم رخن جو نئين سر جائزو وٺي سگهجي ٿو.[2]

ھيوگ ٽريوور لئمبرڪ برطانيا سان تعلق رکندڙ انڊين سول سروس جو ملازم ، قديم آثارن جو ماھر، مؤرخ ۽ منتظم 20 اپريل 1904 ۾ انگلينڊ جي ايسٽ مڊلينڊ واري خطي جي ڊربي شائر ڪائونٽي جي شارڊلو ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو ۽ 1982 ۾ 78 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين. ھي 1927 کان 1947 تائين انڊين سول سروس[3] ۾ ڪم ڪيو ۽ گھڻي ڀاڱي ھن سنڌ ۾ ڪم ڪيو ۽ ڪمشنر جي عھدي تي پڻ رھيو جتي ھن قديم آثارن متعلق تحقيق پڻ ڪئي[3].ھي موئن جي دڙي تي تحقيق جي ڪري مشھور ٿيو ھو[4].سول سروس کان فارغ ٿيڻ بعد ھي آڪسفورڊ يونيورسٽي جي اوريئل ڪاليج جو فيلو ۽ مؤرخ بڻيو جتي ھن 1951 کان 1971 تائين نوڪري ڪئي.[3] جنهن زماني ۾ لئمبرڪ سنڌ ۾آءِ. سي. ايس. آفيسر هوندو هو، تنهن زماني ۾ به هو هتان جي تاريخ، جاگرافي ۽ آثار قديمه ۾ وڏي دلچسپي وٺندو هو. هونئن ته پاڻ انهن انگريز عملدارن مان هو، جن کي صحيح معنيٰ ۾ ”برطانوي بادشاهت جا معمار“ ڪوٺيو ويو آهي، پر ڪن نفسياتي سببن جي ڪري کيس سنڌ لاءِ محبت هئي، سندس خاندان جي تاريخ ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته 1843ع ۾، جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي هئي. تڏهن لئمبرڪ جي ڪن وڏن سنڌ ۾ نوڪريون ڪيون هيون. سندس نانو 1889ع ۾ سنڌ جو ڪمشنر هو. خود لئمبرڪ پاڻ به 1927ع کان 1946ع تائين سنڌ ۾ ڪيترن ئي اهم انتظامي عهدن تي فائز رهيو. انهيءَ پس منظر ۾ ڏسبو ته ڳالهه سمجهه ۾اچي ويندي ته لئمبرڪ کي ڇا جي ڪري سنڌ سان محبت هئي.[5].سنڌ ۾ نوڪري ڪندي لئمبرڪ سنڌي زبان تي به چڱي مهارت حاصل ڪئي هئي، جنهن جي ڪري به سنڌ ۽ ان جي رهاڪن کي سمجهڻ ۾ کيس آساني ٿي هوندي.[5]. پاڻ حرن جي تحريڪ وقت مارشل لا ايڊمنسٽريٽر رھيو. جيڪب آباد جو ڊپٽي ڪمشنر پڻ رھيو. بلوچي ٻولي پڻ سمجھندو ۽ ڳالھائيندو ھو. شڪار دوران ھڪ بھترين توبچي پڻ ھيو.[5].سال 1968ع ۾ سندس گهر واري گذاري ويئي، هن سندس وڏو ساٿ ڏنو هو ۽ ڪتابن لکڻ ۾ مدد ڪندي هئس. مسودن کي ٽائيپ ڪرڻ جو سمورو ڪم ته هوءَ ئي ڪندي هئي.[5].

سنڌي ادبي بورڊ سان ناتو سنواريو

سنہ 1952ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ، ايڇ. ٽي. لئمبرڪ کي سنڌ جي تاريخ جا پهريان ٻه جلد لکڻ جو ڪم سونپيو هو. انهيءَ سبب سان، لئمبرڪ جو بورڊ سان پورا پنجويھ ورهيہ تعلق رهيو. تن ڏينهن ۾ لئمبرڪ انڊين سول سروس مان رٽاير ڪرڻ بعد آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي اوريل ڪاليج ۾ فيلو مقرر ٿيو هو، جتي هو پنهنجي واندڪائي جو وقت، سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ۽ تصنيف ۾ صرف ڪندو هو. هن بورڊ جي آڇ خوشيءَ سان قبول ڪئي ۽ اطلاع ڏنائين ته سنڌ تي سندس اهم ڪتاب ”سر چارلس نيپئر ۽ سنڌ“ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس مان ڇپجي پڌرو ٿيڻ وارو آهي.[5]

حوالا سنواريو

  1. subject named as: Dr. Hugh Trevor Lambrick — Kindred Britain ID: http://kindred.stanford.edu/#/kin/full/none/none/I9475 — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  2. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%8A%DA%87%20%D9%BD%D9%8A%20%D9%84%D8%A6%D9%85%D8%A8%D8%B1%DA%AA
  3. 3.0 3.1 3.2 Cook, C. (2012). The Routledge Guide to British Political Archives: Sources since 1945. Taylor & Francis. p. 118. ISBN 9781136509612. https://books.google.com/books?id=k89anpKEY6YC&pg=PA118. Retrieved 2017-01-08. 
  4. Publishing, B.E.; Pletcher, K. (2010). The History of India. Rosen Publishing Group, Incorporated. p. 43. ISBN 9781615302017. https://books.google.com/books?id=hdmcAAAAQBAJ&pg=PA43. Retrieved 2017-01-08. 
  5. 5.0 5.1 5.2 5.3 5.4 (لئمبرڪ جي حياتيءَ جو احوال: غلام رباني آگرو): ڪتاب: سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ (جلد ٻيو) ليکڪ؛ ايڇ. ٽي. لئمبرڪ :ايڊيشن؛ پهريون 1984ع، ٻيو 1990ع :ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو