ايس. گل
ايس گل جو اصل نالو سيد حاجي فضل علي شاھ ڄاموٽ هو، پر هو فلمي دنيا ۾ ”ايس. گل“ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو ويندو هو. مرحوم جي ڄمار 75 سالن جي لڳ ڀڳ هئي. جڏهن هن 18 آڪٽوبر 1999ع تي وفات ڪئي. پونيرن ۾ هن ٻہ پٽ ڇڏيا آهن، جن مان هڪ جي اڳوڻي وزيراعظم مرحوم محمد خان جوڻيجي جي نياڻيءَ سان شادي ٿيل آهي. ڄاموٽ فئملي سان تعلق رکندڙ ايس. گل اداڪاريءَ جي شروعات ورهاڱي کان اڳ ڪئي هئي. پاڪستان ۾ ”بيقرار“ سندس پهرين فلم هئي، جيڪا 1950ع ڌاري هن خود پروڊيوس ڪئي هئي. ’التجا‘، ’درنده‘، ’سهڻا سائين‘ ۽ ’حاضر سائين‘ وغيره سميت هن اردوءَ توڙي سنڌيءَ ۾ تقريباً 100 فلمون ٺاهيون. هن فلمن ۽ مقبول ٽي. وي پروگرام ”نيلام گهر“ لاءِ گل حيدر جي نالي سان ميوزڪ پڻ ڪمپوز ڪيو. گل حيدر نالو ڏيڻ جو سبب هيءُ هو تہ ايس. گل جهوني ميوزڪ ڊائريڪٽر مرحوم غلام حيدر جو اسسٽنٽ رهي چڪو هو.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ايس گل انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سررزمين)، پھريون جلد، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.