ايسپ جون آکاڻيون (Aesop's Fables) دنيا جي قديم ۽ عام پسند ڪتابن مان هڪ ڪتاب آهي، جنھن جو ترجمو دنيا جي مڙني مک ٻولين ۾ ٿي چڪو آهي. اهي آکاڻيون اڄ کان سوا ٻہ هزار ورهيہ اڳ لکيون ويون هيون. هنن آکاڻين جو لکندڙ ايسپ، روم ۾ 620 ق. م ڌاري ڄائو، ۽ بيلنيءَ ۾ 544 ق. م ۾ ماريو ويو. هن کي ايسپ ان ڪري چئجي ٿو، جو هو ڪُٻو هو ۽ ڪُٻي کي يوناني ٻوليءَ ۾ ”ايسپ“ چوندا آهن. ايسپ پنھنجي ڏاهپ جي ڪري ايڏو تہ مشھور ٿيو، جو بعد ۾ ڪيترن ٻين ڏاهن کي سندن ملڪ جو ايسپ سڏيو ويو. مثلاً: حضرت لقمان (پنجين صدي ق. م) کي ”عربستان جو ايسپ“، جان گي (1732 1688ع) کي ”انگلنڊ جو ايسپ“ جين ڊي لافٽٽين (1621 1695ع) کي ”فرانس جو ايسپ“، بيد پاءِ (ٽينءَ صدي ق. م) کي ”هندستان جو ايسپ“ وغيره سڏيو ويو.

ايسپ جي آکاڻين جو پھريون مجموعو، حضرت عيسيٰ جي ولادت کان 400 سال اڳ، يونان ۾ پڌرو ٿيو، جنھن مان هن ڪتاب جي قدامت جو پتو پوي ٿو. ابتدا کان ئي هنن آکاڻين جي واکاڻ ديسان ديس مشھور هئي. 1484ع ۾، ”ڪئڪسٽن“ انگريزي ٻوليءَ ۾ هنن آکاڻين جو ترجمو ڪيو، جنھن کان پوءِ 1665ع ۾ ”جانارگلبي“ هن ڪتاب جو اختصار پيش ڪيو. سنڌي زبان ۾ پھريون دفعو 1854ع ۾ ديوان ننديرام ميراڻيءَ، سنڌ جي تڏهوڪي اسسٽنٽ ڪمشنر، ايلس صاحب، جي معاونت سان، ترجمو ڪري، هيءُ ڪتاب ڇپايو. ان کان پوءِ منشي اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻيءَ، ايسپ جون 105 آکاڻيون چونڊي سنڌيءَ ۾ ڪتاب شايع ڪيو، انهيءَ ترجمي جي پھرئين ڇاپي جو سال نٿو ملي، پر جيئن تہ منشي صاحب 1884ع ۾ وفات ڪئي آهي، تنهنڪري چئي سگهجي ٿو تہ اهو ڪتاب 1883ع کان اڳ ڇپيو آهي. سال 1900ع تائين هن ڪتاب جا ڇهہ ايڊيشن شايع ٿي چڪا هئا. هيستائين رڳو سنڌي زبان ۾ ئي هن ڪتاب جا 9 ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن. دنيا جي ڪابہ سڌريل ٻولي اهڙي ناهي، جنھن ۾ ايسپ جي آکاڻين جو ترجمو نہ ٿيو هجي. هيءُ ڪتاب جملي 217 آکاڻين تي مشتمل آهي. اصل ۾ هيءُ ڪتاب هڪ نصيحت نامو آهي، جنهن ۾ ايسپ پنھنجا تجربا لکيا، انهن ۾ موجود صلاحون ۽ هدايتون، آکاڻيون، ٻارن، جوانن، پوڙهن، عالمن ۽ طالب علمن کي هڪ جھڙو لطف ڏين ٿيون، ايتري قدر جو چون ٿا تہ دنيا جو مشھور فيلسوف سقراط بہ نظربنديءَ واري زماني ۾ هن ڪتاب جو مطالعو ڪندو هو. ايسپ جون آکاڻيون ڪيترن ئي ملڪن جي اسڪولي نصاب ۾ شامل آهن. سنڌيءَ جي درسي ڪتابن ۾ پڻ اهي آکاڻيون شامل رهيون آهن.[1]

حوالا سنواريو